اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ سان ماڻهن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غ??زي?? جي بي حرمتي سيکاري، عمران خان پنهنجي ڪڌي ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي وٺي ??ن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو. اها ڳالهه هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ چئي. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪراچي مان صوب??ئي اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ تصوير جو حوالو ڏنو ته پارٽي ڇڏڻ کان انڪار تي ملڪ شهزاد اعواڻ جي قافلي کي باهه لڳ??ئي وئي جنهن تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ موجود آئل ڊيپو ۾ لڳندڙ باهه جي آهي. عمران خان 19 سالن کان ماڻهن کي ڪوڙي، جعلي تصويرن ۽ مصنوعي بيانيي سان ذهن سازي ڪري بيوقوف بڻايو ۽ انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غ??زي?? جي بي حرمتي سيکاري. مريم اورنگزيب عمران خان کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مجروح اناءَ جي تسڪين جي ل??ءِ آرام سان ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو هڻندو ڪري، ڪنهن رات شو ۾ پنهنجي ڪڌي ۽ ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي به وٺي ??ن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان انهن شهيدن ۽ غ??زي?? جي خاندانن کان معافي وٺي ??ن جي دل هن زخمي ڪيا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي حقن جي خلاف ورزي معافي نه ٿو فرمائي.