ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ۽ ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي گادي واري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پاران بالٽڪ علائقي جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پارليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي گلن جي چادر چ??ڙه??.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بل??ول ڀٽو زرداري عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.