اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي گرين لائين ايڪسپريس ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم ان موقعي تي ٽرين ۾ سفري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، من??وب??بندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال و??ير??عظم سان گڏ هئا. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق و??ير??عظم کي ٽرين بابت بريفنگ ڏني. جديد سهولتن سان ليس گرين لائين ايڪسپريس ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي رستي پاڪستان ريلويز مين لائين – ان پيسينجر سروس مهيا ڪندي. اها ٽرين راولپنڊي، چڪلالا، لاهور، خانيوال، بهاولپور، روهڙي، حيدرآباد ۽ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي.