اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي ??ي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي ??وشل ميڊيا ايڪٽوسٽ راڻا شرافت علي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، بلاول هائوس پاران جاري تعزيتي بيان موجب پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪن راڻا شرافت علي جي وڏي ڀاءُ راڻا صداقت علي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله ??عاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.