اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي گري?? 21 ??و آفيسر ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر ??ني?? کي صدر جو پريس سيڪريٽري/ اطلاعات وارو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت ان ڏس ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هو 2 فيبروري تي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو. ان ک??ن اڳ اختر ??ني?? صدر جي پريس سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. اختر ??ني?? 1992ع ۾ انفارميشن گروپ ۾ شا??ل ٿيو ۽ پنهنجي ڪيريئر ۾ هن مختلف وزارتن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هو افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو پريس قونصلر پڻ رهي چڪو آهي.