اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي م??صو??ن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي م??صو??ن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وا??ي وفاقي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي عملدارن ان حوالي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي م??صو??ا جن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقياتي م??صو??ن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي م??صو??ن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.