اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ماسيءَ سينيئر پارليامينٽرين بيگم نجمه حميد جي اي??ال ثو??ب لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ تعزيتي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ بيگم نجمه حميد مرحومه جي اي??ال ثو??ب لاءِ اجتماعي فاتحه خواني ڪئي وئي. تعزيتي اجلاس ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايڊيشنل سيڪريٽري سهيل علي خان، اي پي پي جي ايم ڊي اختر منير، پيمرا جي چيئرمين سليم بيگ، ڊي جي انفارميشن س??وس اڪيڊمي مبشر توقير، پريس رجسٽرار طارق خان، ريڊيو جي ڊي جي طاهر حسن، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مرحومه نجمه حميد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي وئي.