شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف ج?? تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪيو ويندو. اهڙن خيال جو اظهار هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جورجيوا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جي ساڻس ملاقات موسمياتي ??بديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪوپ – 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کي پورو ڪنداسين، آءِ ايم ايف ج?? تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ ??حا??ي جي لاءِ بجيٽ ڪاٿن ۾ تبديلي آندي وئي آهي، ڪورونا ۽ عالمي ٻاڙائي کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال جا پاڪستان جي معاشي ??حا??ي جي رفتار تي منفي ??ثر پيا آهن، عوام جي جان بچائڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي ??حا??ي اولين ترجيح آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪوپ 27 ڪانفرنس موسمياتي ??نصاف ڏيارڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي.