اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطي??ين جي آزادي جي ??دو??هد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين انهن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ ??دو??هد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطي??ين جي جائز ??دو??هد جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان عالمي سطح تي تسليم ٿ??ل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ فلسطيني رضامندي جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته اڄ عالمي برادري سان فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطي??ين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطي??ين جو رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين نا??ي رڪيو. صدر چيو ته مسلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فلسطي??ين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين تي ناجائز قبضو ان تڪرار جي نا??ابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي آهي. صدر چيو ته آئون فلسطي??ين جي لاءِ پاڪستا??ين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطي??ين جي آزادي جي ??دو??هد خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان فلسطي??ين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿ??ل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني رياست جي گادي واري شهر جي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطي??ين جي جائز ??دو??هد جي حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان جي حمايت ڪندو رهندو.