ڪوئيٽه-16 سيپٽمبر (ا?? پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آه?? ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي ٽريڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آه??، معطل ٿيل ريلوي روٽس جي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آه??ون. ڪوئيٽه- تفتان ريل ٽريڪ 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. ڪوئيٽه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح متاثر ٿيو آه??، ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آه??، ٻوڏ سبب ڪوئيٽه- تفتان ريلوي ٽريڪ 104 هنڌن تان متاثر ٿيو آه??، جنهن کي 30 سيپٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ايف سي، اين ايل سي ۽ آرمي جي سهڪار سان متاثر ريلوي پٽڙيءَ جي بحاليءَ ۾ مصروف آه??ون. هن چيو ته ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ترجيح آه??. گوادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان جو جائزو وٺي رهيو آه??ان. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آه??ون ته ڏ??نهن رات هڪ ڪري ريلوي سروس کي بحال ڪري عوامي ڏُکيائين جو ازالو ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس ۾ ريلوي وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.