اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڪئناڊا جي عالمي ترقي و??ري وزير هرجيت سجن جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊين وزير ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي گهري همدردي جو ا??ها?? ڪيو ۽ جلد کان جلد بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اميد ڪئي. پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر نازڪ وقت ۾ ڪينيڊين وزير جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي ا??ها?? تي وفد ??ي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. هن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪيو جنهن 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪيو ۽ 4 ملين ايڪڙ فصلون لُڙهي ويون. هن چيو ته ان آفت جا پاڪستان ۾ غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا منفي اثر پوندا. مملڪتي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي بحران جو شڪار آهي. هن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران متحد ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. مملڪتي وزير چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ مصروف آهي، نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پاران وسيلن جي موثر متحرڪ ۽ ڊگهي مدي و??ري عزم جي ضرورت هوندي. پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي ترقياتي منصوبن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي خواهش جو ا??ها?? ڪيو. ڪينيڊين وزير چيو ته ڪئناڊا ٻوڏ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي لچڪدار ڍانچي جي تعمير لاءِ ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ پرعزم آهي. هو ٻوڏ سبب ??يندڙ تباهي جي سطح جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪئناڊا جي هڪ وفد ??ي قيادت ڪري رهيو آهي. وفد ۾ ڪينيڊين پارليامينٽ جا ٽي پاڪستاني ڄاوا ميمبر اقرا خالد، سلميٰ زاهد ۽ شفقت علي پڻ شامل هئا.