اسلا?? آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته قوم اڄ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي ??اءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي ??دد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنون کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيندي اسان کي اڄ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو اتحا?? ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.