اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)بزرگ حريت قائد سيد علي گ??لا??ي بنا شڪ جي ڄم??ن ۽ ڪشمير جي مزاحتمي تاريخ جو هڪ اعليٰ شخصيت آ??ي، هن والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي، ڪشميرين جي زمينن تي قبضا، ڀارتي فوجين ۽ ڪشميري پنڊنتن لاءِ ڌار ڌار ڪالونين جي تعم??ر، ڪشميرين جي وسيلن جي لُٽ مار، نوا ڊوميسائيل قانون جاري ڪرڻ، اسيمبلي تڪن جي نئين سر حد بندي جي نالي تي وقت کان اڳ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ڀارتي شهرين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جهڙن ڀارتي قدمن جي تمام گهڻو اڳ نشاندهي ڪري ڇڏي هئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گ??لا??ي مشهور نعري ” هم پاڪستاني هين، پاڪستان همارا هي“ جو خالق آ??ي، جيڪو دنيا جي هر ان ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي جتي ڪشمير آباد آهن. ڪشمير ڪاز لاءِ ان جي شوق جي نتيجي ۾ اڄ هر هڪ ڪشميري سيد علي گ??لا??ي بڻجي چڪو آهي.