اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ مڪمل بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقص??نن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ گڏيل سروي سڀ کان پهرين بلوچستان ۾ شروع ڪئي وڃي، حڪومت متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي طريقيڪار ۾ شفافيت يقيني بنائيندي، آخري ٻوڏ متاثر کي ان ??و حق ملڻ تائين سک سان نه ويهندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان ??هم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري مالي مدد اين ڊي ايم اي جي نگراني ۾ ڊيجيٽل طريقيڪار سان فراهم ڪئي وڃي. اجلاس کي گڏيل سروي جي حوالي سان ??فصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سروي ۾ ٻوڏ جي دوران فوت ٿيندڙن، زخمين، تباهه ٿيل گهرن، دڪانن، فصلن ۽ مارجي ويل چوپائي مال جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي جنهن سان ??حالي جي ڪمن ۾ شفافيت، بهتري ۽ تيزي يقيني بڻائي سگهبي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها سروي سڀ کان پهرين بلوچستان ??ي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪئي ويندي جڏهن ته اها سروي 20 آگسٽ 2022ع کان ??روع ڪري ان ??ي پڄاڻي 22 سيپٽمبر 2022ع تائين يقيني بڻائي ويندي. ان کانسواءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڏني ويندڙ فوري مالي مدد ۽ بائيو ميٽرڪ نظام تحت ورڇ ٿيندي جنهن جي نگراني اين ڊي ايم اي ڪندي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مفتاح اسماعيل، وزيراعظم جي خاص معاون احد چيما، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.