اسلام آب??د – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شر??ف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب فوت ٿيندڙ چيني شهرين کي پاڪستان حڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ تمغه پاڪستان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شر??ف ٽن چيني شهرين کي تمغه پاڪستان ڏيڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي هئي. چيني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻ??ا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي و??ا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آهي. چيني رهواسين کي چين پاڪستان دوستي جي لاءِ عظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.