اسل??م آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي ??بديلي واري وفاقي وزير شري رحمان موجود هيون. پرڏيهي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس دور انديش قيادت ۾ سعودي عرب کي ترقي جي نئين بلندين کي حاصل ڪرڻ تي ??راج تحسين پيش ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گذريل مهيني جده ۾ ٿيندڙ پنهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه جو زڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ به??رين ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان حصيداري کي گڏيل فائدي لاءِ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ??هن جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پورا لٿا آهن، هن سعودي عرب جي پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ ڪشمير ڪاز تي ان جي مستقل يڪجهتي کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي عرب – پاڪستان لاڳاپن جي تزويراتي اهميت ۽ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي مسئلن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ نظريات جي هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي او آءِ سي پليٽ فارم سميت اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي کي به??ر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي ??ستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.