اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آهي، اسٽريٽ??ڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ چين دوستي جو آغاز ٿيو، اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪستان جي اندر اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽ??ڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ ت?? وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي اطلاعات وار?? وزير چيو ته اڄ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تاريخ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ان لاءِ به خاص اهميت رکندڙ آهن ته اهي ٻنهي ملڪن جي ??وا?? سان شروع ٿيندا آهن، ٻنهي ملڪن جي ??وا?? محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، هن چيو ته جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪستان ۾ ايندو آهي ته اسان کي يقين هوندو آهي ته اهو اسان جي فائدي لاءِ هوندو، اطلاعات وار?? وفاق?? وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اهڙا واقعا پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ان واقعي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، اطلاعات وار?? وفاق?? وزير چيو ته جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ته وزيراعظم شهباز شريف سڀئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آهي، هتي ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي سدائين لاءِ پاڪ چين دوستي کي لازوال رشتي ۾ جوڙيندا آهن، اطلاعات وار?? وفاق?? وزير ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي ??وا?? ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي مستقل خواهش آهي ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي رشتي کي نئين بلندين تائين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. اطلاعات وار?? وفاق?? وزير پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ان موقعي تي اطلاعات وار?? وفاقي سيڪريٽري شا??يره شا??د به موجود هئي.