اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظها?? ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سا?? شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظها?? ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سا?? پڻ تعزيت جو اظها?? ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلاف?? نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظها?? ڪيو ته سندس لاڏاڻي سا?? پاڪستان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زايد النهيان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظها?? ڪيو.