اسلام آباد – 13 – مئي (ا?? پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن ز??د النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ٿين??ڙ بيان موجب صدر شيخ خليفه بن ز??د النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم گڏيل عرب امارات جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن شيخ خليفه بن ز??د النهيان جي مسلمان امت ۽ پاڪ – يو اي اي دوستي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو.