اسلام آباد – 03 – مئي (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گادي واري ??هر اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. وفاقي وزيرن، اسلام آباد ۾ مقرر اسلامي ملڪن جي سفيرن، اعليٰ سرڪاري ??فيسرن ۽ شهر جي نمائندن پڻ صدر سان گڏ عيد جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. صدر عيد جي نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن ۾ گهلي ملي ويو ۽ هو انهن سان عيد مليو. عيد جي نماز جي اجتماع ۾ ملڪ جي سلامت??، ترقي، بقاءَ ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت والاريل مسلمان علائقن جي غيرملڪي قبضي کان آزادي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. اسلام آباد ۾ عيد جي نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع فيصل مسجد ۾ ٿيو جنهن ۾ هزارين فرزندان اسلام پڻ شريڪ ٿيا. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عيد جي خوشي جي موقعي تي عوام کي مبارڪباد ڏني.