اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، پاڪست??ن جي حاڪميت ۽ سالميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عالمي سازش تيار ڪئي وئي، آئيني طو?? تي حڪومت جي تبديلي ۾ ڪو به حرج نه آهي پر حڪومت جي تبديلي ۾ غير ملڪي سازش کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، مخالف ڌر جا مُک اڳواڻ ان سازش جو حصو آهن، مخالف ڌر ڌمڪي ??ار?? خط جا نڪتا ڏسڻ کان به انڪاري آهي، اسان اهو نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آهيون ته عمران خان کي هٽائڻ جي عالمي سازش ۾ سياسي ڪردارن کانسواءِ ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو به شامل آهن، عمران خان آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ رانديگر آهي جيڪو پاڪست??ن جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڌمڪي ??ار?? خط جو جائزو ورتو ويو، ان حوالي سان ڪجهه فيصلا به ڪيا ويا، هن چيو ته اهو قابل اعتراض خط آهي جيڪو پاڪست??ن جي حڪومت کي لکيو ويو جنهن ۾ واضح طو?? تي حڪومت تبديل ڪرڻ جو اشارو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته خط نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ به ب??ث هيٺ آندو ويو، ان کانپوءِ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي ڪميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس طلب ڪيو ويو، وزيراعظم اڄ رات ان حوالي سان قوم کي به خطاب ڪندو، سڀاڻي ان تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي جنهن جي باري ۾ ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، آئيني طو?? تي حڪومت جي تبديلي ٿئي ته ان ۾ ڪو به هرج نه آهي پر جهڙي طريقي سان هتي تبديلي تي زور ڏنو ويو ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اسان پارلياماني اڳواڻ ۽ مخالف ڌر اڳواڻ کي به گهرايو ته جيئن اهي ثبوت ڏسن پر مخالف ڌر اهي ثبوت ڏسڻ کان انڪاري آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جا ڪجهه مک اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن جيڪي ٻاهرين طاقتن کان ڊڪ??يش?? وٺي رهيا آهن، انهن جو بنيادي مقصد عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته مخالف ڌر جا اڳواڻ پنهنجي اکين سان اهي ثبوت ڏسي سگهن ٿا پر اهي هي ثبوت ڏسڻ کان ئي انڪاري آهن، ان مان اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته مخالف ڌر اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن. هن چيو ته ان سازش ۾ مخالف ڌر جا سمورا ماڻهو شامل نه آهن، پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن کي به چوڻ چاهيان ٿو ته اهي پنهنجا فيصلا هولڊ ڪن، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اچن ۽ پاڻ اهي دستاويز ڏسن جنهن جي بنياد تي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته وزيراعظم عمران خان کي هٽائن جي سازش هڪ عالمي سازش آهي ۽ ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملوث آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا هندستان ۽ اسرائيل جي سفارتخانن سان رابطا ڪنهن کان لڪل نه آهن، ان کانسواءِ پاڪست??ن جي ميڊيا جا ڪجهه سينئر ماڻهو به انهي سازش ۾ شامل آهن، هن چيو ته ان سازش جو آغاز نواز شريف جي اپارٽمينٽ مان ٿيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان آخري بال تائين وڙهندڙ رانديگر آهن، هو قطئي طو?? تي استعيفا نه ڏيندو، عمران خان پاڪست??ن جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ عمران خ??ن جي دور ۾ پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي آزاد ٿي آهي، جڏهن هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آئي ته ان وقت جي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ڪردارن جو تعاون نه هجي ها ته هو هندستان کي غلام نه بڻائي سگهي ها. اڄ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو عمران خان کي هٽائڻ جي عالمي سازش ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪست??ن جي عوام ان سازش کي ڏسي رهي آهي، اسان قطئي طو?? تي پاڪست??ن جي حاڪميت تي ٺاهه نه ڪنداسين، اسان پاڪست??ن جي حاڪميت، پاڪست??ن جي مانهن جي وقار ۽ پنهنجي پاسپورٽ جي عزت لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيـٺل رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر اچي ۽ ثبوت ڏسي، ان کانپوءِ ڪنهن جي دل ۾ ڪو سوال آهي ته اهو پڇي، ان سڄي صورتحال کانپوءِ مخالف ڌر کي غيرت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي حيثيت نه آهي، اصل معاملو اهو آهي ته پاڪست??ن جي عوام ڇا چاهي ٿي ۽ هو ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت موجود هئي، اجلاس جي حوالي سان پڌرنامو جاري ٿي ويندو.