اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جنهن جي بنيادي ذميداري شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، وزيراعظم کي اختي??ر حاصل آهي هو ڪن??ن به وقت اسيمبليون تحليل ڪرڻ جي تجويز ڏئي نئين چونڊن طرف وڃي سگهي ٿو. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن جي بيان تي رد عمل ۾ چيو، هن چيو ته هڪ طرف اسان کي افغانستان ۾ عدم استحڪام درپيش آهي ته ٻي طرف هندستان حادثاتي طور تي ميزائل فائر ڪري خطي جي امن کي تباهه ڪري رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ ملڪ ۾ غير يقيني واري صو??تحال کي برقرار رکڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي، هن چيو ته ان صو??تحال ۾ واحد حل شفاف چونڊن جو وقت سر انعقاد آهي.