اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جدت لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ڪاروباري برادري معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، دنيا سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آه??، حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون آه?? جڏهن ته هو ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي کي جيتريون مراعتون ڏنيون آه?? ايتريون ڪنهن ٻي شعبي کي ناهن ڏنيون ويون، آءِ ٽي انڊسٽري کي تربيت يافته افرادي قوت جي تمام گهڻي ضرورت آه??، ماضي ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي وئي هئي جنهن کي موجوده حڪومت بحال ڪري ڇڏيو آه??، هن چيو ته پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آه??، انفارميشن ٽيڪنالاجي ?? تقريب جي نتيجي ?? اسان جي ماڻهن جو روزگار وڌندو. حڪومت نوجوانن کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪري رهي آه?? ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تحت 22 لک نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آه?? جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آه??. صدر واپارين تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار ۽ صنعت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي فائدو کڻي. صدر چيو ته موجوده حڪومت ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آه??. حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري آبادگارن کي اضافي 1100 سئو ارب روپيا منافعو حاصل ٿيو آه??، ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ حڪومت ۽ واپاري گڏجي ڪم ڪري رهيا آه?? ۽ ان قدم سان واپار ۽ انڊسٽري کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت جي تياري سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيندو، آءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ حڪومت کي واپارين جو تعاون گهربل آه??، آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو وڏو ذريعو آه??، حڪومت نوجوانن جي فني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو آه?? ان قدم جو ??قص?? نوجوانن کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آه??. صدر چيو ته موجوده حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ رڪارڊ مراعتن جو اعلان ڪيو آه?? ۽ آءِ ٽي انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي فوري حل کي به يقيني بڻايو آه??، ماضي جي ڪا به حڪومت موجوده حڪومت طرف واپاري برادري کي ڏنل سهولتن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بحال ٿيو ۽ صنعتي شعبي تقريبن 900 ارب روپيا اضافي ڪمايا. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ ضروري آه?? ته هو تعليمي ادارن سان تعلق پيدا ڪري ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي ضرورتن کي به پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته شاگرد حڪومت جي اعلان ڪيل ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس ۾ شموليت اختيار ڪئي، فائدو کنيو ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه شاگرد تقريبن ڏيڍ لک ڊالر ڪمائي رهيا آه??، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي گهر ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آه??، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، صدر چيو ته ڪو به ٻيو شعبو آءِ ٽي سيڪٽر جهڙو منافعو نٿو آڻي سگهي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، فارما ۽ آءِ ٽي جي صنعتن ۾ متوقع چيني سيڙپڪاري کانپوءِ پاڪستان جو مستقبل روشن هوندو. ان کان اڳ صدر تقريب دوران آءِ ٽي منصوبن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي عورتن سميت ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ به ورهايا.