اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خا?? سوري چيو آهي ته نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن ۽ روشن مستقبل آهن، اسان تي الله جو ڪرم آهي ته اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن کي ??ديد ٽيڪنالا??ي سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ملڪ ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل ايڪسپوزر وزٽ آف ينگ پيس ايڪٽيوسٽ“ جي پراجيڪٽ تحت پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪندڙ سڄي ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي ??طاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن تي مشتمل آبادي سان نوازيو آهي تنهن ڪري ملڪ کي ??رقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ نوجوانن جو بنيادي هدف ۽ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته هڪجهڙو تعليمي نصاب نوجوانن جي ذهنن ۾ هڪجهڙن نظرين جي اوسر جي راهه هموار ڪندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته نظم ۽ ضبط ۽ محنت زندگي ۾ هدفن کي ??اصل ڪرڻ لاءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن رکي ٿو ۽ سندس ويزن ع??ام?? محمد اقبال ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي خواب کي ??ملي جامو پارائڻ آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي ??ود مختيار بڻائڻ هو. هن چيو ته هي ملڪ ٻه قومي نطريي تي قائم ٿيو هو ۽ ان جو بنيادي مقصد هڪ اهڙي رياست جو قيام هو جتي مسلمان پنهنجي عقيدت ۽ رسم رواج موجب زندگي گذاري سگهن ۽ اسلام جي حقيقي سڃاڻپ کي ??نيا ۾ اجاگر ڪري سگهن، هن چيو ته اسلام امن، سلامتي ۽ انصاف جو مذهب آهي.