اسلام آ??اد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان ا??لا?? جي تعمير جي موضوع تي جمعي جو خطبو معمول موجب سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ ۽ تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، بهترين ا??لا?? معاشري جو حسن هوندو آهي جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي سا?? سلوڪ بهتر هجي اهو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اسلام جي تاريخ ا??لا?? حسنه جي مثالن سا?? ڀري پئي آهي، هن هجرت حبثه جو تاريخي حوالو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي ا??لا?? جي ڪري اتي ان لاءِ عزت، احترام ۽ همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آهن، اسلام جي ڇپجڻ جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترام جي روين کي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين کي خراب نالن سا?? پڪارڻ جي مخالف جي باري ۾ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين سا?? گڏوگڏ غيبت کان بچڻ جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي سا?? دين اسلام ۾ واضح هدايتون آهن، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ا??لا?? حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي اسان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي و??ي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.