اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ايئرپورٽ جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير او آءِ ??ي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ??يندڙ مهمانن ۽ وفدن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. سفير آفتاب کوکر پرڏيهي وزير کي ايئرپورٽ تي او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ??يندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير اسٽيٽ لائونچ ۽ مهمانن جي آمد لاءِ ڪائونٽرز جو جائزو ورتو ۽ او آءِ ??ي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ??يندڙ معزز مهمانن جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو، پرڏيهي وزارت سول اي??ي ايشن ۽ ايئرپورٽ جا سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.