دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال ??ي تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ڏينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستاني سفير به هت?? موجود آهن. هن ٻڌايو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدارتي محل ويندو ??تي تاجڪستان جي صدر سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۾ تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر ملڪ افغانستان جي مختلف نسلي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.