اسلام آب??د ?? 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن ??ي سرڪاري دوري تي دوشنبي روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ??ي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف ??ان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو. وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کا??پو??ِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ هوندو.