اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت ٻا??رين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان ??در ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ ماڻهن پاڪستان ??ان والهاڻي محبت جو اظهار ڪ??و ۽ آزادي جي تحريڪ جي عظيم هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊن جي تبديلي جون پروقار تقريبون به منعقد ٿيون، مرڪزي تقريب کان ??ڳ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪج?? وئي، اهم سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي بجلي جي بلبن سان ??جايو و??و ۽ هر طرف ساون جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغمن جي ڌنن سان گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قوم ملڪ اندر ۽ ٻا??ر آزادي جو ڏهاڙو ان ??زم کي ورجائڻ سان ملهايو ته ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ لاءِ تحريڪ پاڪستان ??ي جذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. ان موقعي تي پاڪستان ??ي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ايوان ??در اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان ??ور شرڪت ڪئي، جهنڊو ڦڙڪائڻ جون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ملڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ?? سجايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي جهنڊا، جهنڊيون پاڪستان ??ي بانين ۽ تحريڪ پاڪستان ??ي هيروز جون تصويرن ۽ بينر هر هنڌ لڳايون ويون. پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ??ن ڏينهن جي موقعي تي ڊگهي وقت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويون ۽ اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏهاڙي جي پيغامن جي حوالي سان ??صوصي بينرز سان متحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اسان ??ي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهڻ جي صلاحيت سان نوازيو آهي، ڪوڙين خبرن کان ??چي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍ??و ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد ملڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو.