اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) نيشنل يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز (نمز) ماحولياتي زوال جو سبب بڻجندڙ ڪنهن به شيءَ کي استعمال نه ڪرڻ جو عزم ڪندي ”زيرو ويسٽ ڪي??پس??? بڻجڻ جو اهم قدم کنيو آهي، ان سلسلي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بابت ”??ائ??و آر“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، اهو قدم ماحوليات جي عالمي ڏهاري سان هم آهنگ آهي جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ ملهايو پ??و وڃي، آمريڪا، برطانيا ۽ آسٽريليا ۾ ڪيتريون ئي مشهور يونيورسٽيون پهرين ئي ”زيرو ويسٽ ڪي??پس??? بڻجي چڪيون آهن، ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ ??ائ??و آر حڪمت عملي ”گهٽتائي، ٻيهر استعمال، ري سائيڪل، ڳرڻ، سڙڻ ۽ شعور بيداري“ جي باري ۾ آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز اينڊ هيومينيٽز جي ڊين پروفيسر اعظم چوڌري هتي جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ”??ائ??و آر“ جي حوالي سان 2009ع ۾ ”ٿري آر“ (ريڊيوس، ري يوز اينڊ ري سائيڪل) ڪميونٽي پهرين ئي ميمبر بڻجي چڪو آهي، جڏهن خطي ۾ وسيع تر تعاون جي لاءِ جاپان جي تجويز تي ايشيا ۾ ريجنل ٿري آر فورم جو قيام عمل ?? آندو ويو هو تنهن هوندي به اسان کي اداره جاتي ۽ انفرادي ٻنهي سطح تي ماحولياتي زاوال جو سبب بڻجن??ڙ عملن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻندي معاشري جي حيثيت سان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.