اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت تحفظ والدين آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جو مقصد ٻارن پاران والدين کي زبردستي گهرن مان ڪ??ڻ جي خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. ايوان ص??ر جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت والدين کي گهرن مان ڪ??ڻ قابل سزا ڏوهه هوندو. والدين کي گهرن مان ڪ??ڻ تي هڪ سال تائين قيد، ڏ??ڊ يا ٻئي سزائون ڏنيون وينديون. گهر ٻارن جي ملڪيت هجڻ يا ڪرائي تي هجڻ جي صورت ۾ به والدين کي نه ٿو ڪڍي سگهجي. گهر والدين جي ملڪيت هجڻ جي صورت ۾ والدين کي ٻارن کي گهر مان ڪ??ڻ جو اختيار هوندو.