اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهر?? وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ م??لانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. گهر?? وزير، مولانا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ مولانا فضل الرحمان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهر?? وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ ورتو آهي، ڪجهه ڌُريون ڄاڻ?? واڻي ڪرم معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان پُراڻي نيازمندي آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان جو هاڪاري ڪردار تعري?? ج??ڳو آهي.