پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته قائداعظم جي جنم ڏڻ تي قوم کي واڌايون، سندس قيادت، بصيرت ۽ ا??ول پسندي عيوض ننڍي ک??ڊ جي مسلمانن ک?? آزادي ملي. قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته قائد جي قيادت ۾ آزاد ملڪ پاڪستان جي قيام جو خواب حقيقت ۾ بدليو، سندس شخصيت اعليٰ اخلاقي قدرن، قانون جي پاسداري ۽ جمهوري اصولن جي علمبردار هئي. هن چيو ته قائداعظم جا اصول (اتحاد، ايمان ۽ تنظيم) اسان جي قومي ترقي ۽ ا??تحڪام لاءِ مشعل راهه آهي، قائد جي بي لوث قربانين ۽ اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آ??يون. گورنر چيو ته الحمدلله قائداعظم جو پاڪستان اڄ واحد اسلامي ا??ٽمي طاقت بڻجي چڪو آهي، اسان قائداعظم جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ پنهنجي سمورين صلاحيتن ک?? ڪتب آڻينداسين. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان ک?? قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين