اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا توانائي وا??ي وزارت، پاور ڊويزن جي سفارش تي بگاس سان هلندڙ 8 انڊيپنڊنٽ پاور پلانٽس سان سيٽلمينٽ مع??هد?? جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن مع??هد?? کانپوءِ عام صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت گهٽ ۽ قومي خزاني کي 238 ارب رپين جو فائدو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا کي شام جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ اتان پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته شام ۾ موجود 250 پاڪستاني زائرين مان 79 بيروت پهچي چڪا آهن جتان انهن کي پاڪستان واپس آندو ويندو. ان کانسواءِ شام ۾ موجُود 20 جي لڳ ڀڳ استادن ۽ شاگردن مان 07 استاد به بيروت پهچي چڪا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شام ۽ لبنان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار پاڪستانين جي شام مان حفاظت سان واپسي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ??هيا آهن. وفاقي ڪابينا توانائي وا??ي وزارت، پاور ڊويزن جي سفارش تي بگاس سان هلندڙ 8 انڊيپنڊنٽ پاور پلانٽس سان سيٽلمنٽ مع??هد?? جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن مع??هد?? جي منظوري کانپوءِ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي انهن پاور پلانٽس سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نيپرا سان رابطو ڪندي، انهن مع??هد?? کانپوءِ عام صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ قومي خزاني کي 238 بلين رپين جو فائدو ٿيندو. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ??هي آهي. هن چيو ته اسان جي هر فيصلي ۽ قدم ۾ قومي مفاد مٿانهون رهڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ نجي شعبي ۽ صنعتن جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ڄاڻايل پاور پلانٽس ۾ جي ڊي ڊبليو يونٽ I، يونٽ II، آر وا??ِ جون ملز، چنيوٽ پاور، حمزه شگر، المعيز ان??سٽ??يز، ٿل ان??سٽ??يز ۽ چنار ان??سٽ??ي شامل آهن. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار وا??ي وزارت جي سفارش تي هيوي ان??سٽ??ي ٽيڪسلا جي بورڊ ۾ برگيڊيئر عاصم بشير وڙائچ جي بطور ميمبر پروڊڪشن ڪنٽرول مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا انساني حقن وا??ي وزارت جي سفارش تي اسٽيٽس آف وومين فنڊ بابت نيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.