اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان هلڪي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي، ??نج??ب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇانئيل ??هڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. ??نج??ب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ اپر سنڌ ۾ صبح / رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل ??هڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پخ??ونخوا، ??نج??ب، اپر سنڌ ۽ اتر ??وڀ?? بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 08، گوپس، هنزه ۾ ڪاٽو 03، اسڪردو ۾ ڪاٽو 02 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.