لاهور – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سياسي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان تعاون ۽ مسئلن جي حل لاءِ 11 رڪني ڪميٽي قائم ڪ??ي ڇڏي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي ميمبرن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما شامل هوندا. رياستي ۽ سرحدي معاملن وارو وزير انجنيئر امير مقام، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، جعفر خان مندوخيل ۽ بشير احمد ميمڻ پڻ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندا. وزيراعظم ڪميٽي کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان ت??صيلي مشاورت کانپوءِ سياسي تعاون ۽ مسئلن جي حل جي ذميواري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران مقرر ڪيل ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه سان ايندڙ جي حڪمت عملي کي طئي ڪندي.