اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق جي علامت هجڻ جي حوا??ي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردارادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي پرڏيهي م??ام??ن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر عرفان صديقي و??يراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي پرڏيهي م??ام??ن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوا??ي سان پڻ بريف ڪيو. هن معاشي هدفن جي حوا??ي سان شاندار ڪارڪردگي تي و??يراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته سينيٽر عرفان صديقي جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا سينيٽرز ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، وفاق جي علامت هجڻ جي حوا??ي سان سينيٽ کي قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پارلياماني گروپ کي ان مقصد جي لاءِ ايوان ۾ موجود سمورين ٻين پارٽين سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ مضبوط پرڏيهي پا??يسي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي پرڏيهي م??ام??ن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار ادا ڪندي حڪومت جي رهنمائي ڪندي.