اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) گهر?? معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ ??يڪ??ورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي بهادر پٽن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪا?? بڻايو. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته وطن جي امن خاطر جانيون نڇاور ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن. ??يڪ??ورٽي فورسز جي بهادر سپوتن جون عظيم قربانيون قيامت تائين ياد رکيون ??ين??يون. قوم شهيدن جي سدائين قرضي رهندي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال قربانين جو ڪو به مثال نٿو ملي. شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هميشه ساٿ نڀائينداسين.