اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آ??ِ باني جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آ??ِ باني جي درخواست واري ضمانت تي ٻُڌڻي ??ئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آ??ِ باني جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻيءَ دوران عدالت پُڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آفيسرن قيمتون لڳايون انهن بابت ڇا ڪارروائي ٿي؟ ان تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻُڌايو ته ڪسٽمز آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، جن مالي فائدو کنيو اهي بينفشري ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب ٿيا. پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غير قانوني طور تي پاڻ و?? رکيو ۽ توشه خانه ۾ جمع ئي نه ڪرايو. پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ پهريان کان ئي آهي ته ضمانت ٿي ويندي. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا کان پاڻ کي آ??و ڪريو. جسٽس گل حسن اورنگزيب جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ چيو وڃي ٿو ته ڄ??ڻي و??ڻي بيمار ٿي پيو آهي، ڄ??ڻي و??ڻي نه آيو، ميڊيا جيڪڏهن سنسني نه پکڙيندو ته سندن ڪاروبار ڪيئن هلندو. بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ??ئي. عدالت پي ٽي آ??ِ باني کي 10-10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٽرائل ڪورٽ آڏو به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هي سيٽ جي وڌيڪ قيمت لڳائڻ جي شاهدي جو معاملو آهي، دٻاء?? جو معاملو اڃا ثابت ڪرڻو آهي، ٽرائل دوران عدالت سان تعاون نه ڪيو ويو ته ضمانت واپس ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته نيب پي ٽي آ??ِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي توشه خانه جي ٻئي ڪيس ۾ 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو.