اسلام آب??د – 05 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته
اڱاري ڏينهن جي صبح ڪراچي ۾ نجي گارڊ سان جهيڙي کانپوءِ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه چيني شهري زخمي ٿيا، زخمين کي فوري طور تي اسپتال آندو ويو ۽ اهي علاج هيٺ آهن، اسان زخمين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، پاڪ??تا?? ذميوار ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت ۽ اسلام آب??د ۾ چيني سفارتخاني سان ويجهي رابطي ۾ آهيون. پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪ??تا?? ۽ چين ويجها حصيدار ۽ مضبوط ڀائر آهن جيڪي گڏيل احترام ۽ گڏيل تقدير جي ٻنڌڻن ۾ متحد آهن. پاڪ??تا?? چيني شهرين، منصوبن ۽ پاڪ??تا?? ۾ ادارن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.