اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جمهوريه ترڪيه جي ق??ادت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائون آهن. پاڪستان ۽ ان جي عوام جمهوريه ترڪيه جي عوام جي خوشين ۾ برابر جي شريڪ آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي ق??ادت ۾ عملي طور تي پائيدار ترقي ڪئي آهي. ترڪيه جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ٻي?? ملڪن لاءِ رول ماڊل آهي. هن چيو ته جمهوريه ترڪيه جي تيز رفتار ترقيءَ جو ڪريڊٽ صدر رجب طيب اردوان ۽ ان جي ٽيم ڏانهن وڃ?? ٿو. گهرو وزير چيو ته ترڪيه جي تازي دؤري دوران ٻه طرفن لاڳاپن ک?? هٿي وٺرائڻ لاءِ فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ??ريو ته پاڪستان کي جمهوريه ترڪيه سان مضبوط دوستيءَ تي فخر آهي.