اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪرغزستان، ف??سطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه تر??يه جي سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان مو??عي تي صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪرغزستان جي نامزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، ف??سطين جي نامزد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ تر??يه جي نامزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان مو??عي تي صدر اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.