اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پشين ۽ زوب ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان گذ??يل ڏينهن جاري بيان ۾ صدر مملڪت خوارج دهشتگردن خلاف آپريشنز ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز ??ي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت چيو ت?? فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکنداسين. صدر چيو ت?? سيڪيورٽي فورسز ??هشتگردن خلاف ب??اد??ي سان وڙهي رهيي آهي. پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ??ان گڏ بيٺل آهي.