اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان جو وزيراعظم زاپاروف اڪيل بيڪ اڱاري ڏينهن اسلام آباد پھچي ويو. نورخان ايئر بيس تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊڪارپيٽ استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پاتل ٻارن معزز مھمان کي ??لدستا پيش ڪيا. ٻنھي اڳواڻن پاڻ ۾ خي??سگ??لي وارن جذبن جو اظ??ار ڪيو. ڪرغزستان جي وزيراعظم سان اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آھي جنھن ۾ معيشت ?? وا??ار وارا وزير، نائب پرڏيھي وزير ۽ ايس سي او لاءِ نائب رابطه ڪار پڻ شامل آھن. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪرغزستان جو سفير ۽ سفارتخاني جون ٻيون اعليٰ اختياريون پڻ موجود ھيون.