اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي عيد ميلادالنبي صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي ڏهاڙيءَ جي موقعي تي پوري قوم ۽ مسلم اُمت کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته ??لل?? تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي صوت ۾ هڪ عظيم نعمت سان نوازيو آهي جي??ا پوري ڪائنات لاءِ رحمت جو سبب آهن. گهرو وزير چيو ته حضور اڪرم صلي ??لل?? عليه وآله وسلم بهترين وصفن ۽ قدرن جا مظهر آهن. هن چيو ته حضور اڪرم صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي تعليمات اسان لاءِ بهترين نمونو آهي، پاڻ سڳورن صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي جي اچڻ سان سڄي دنيا روشن ٿي ۽ بي سهارا ماڻهن کي پناهه ڏني. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن مسلمانن جي ڪاميابي جي ڪُنجي رسول ??لل?? صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي تعليما?? تي عمل ڪرڻ سان ئي آهي. هن ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته حضرت محمد صلي ??لل?? عليه وآله وسلم هڪ مثالي سماجي، سياسي ۽ معاشي نظام پيش ڪيو، جيڪو دنيا لاءِ روشني جو مينار آهي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مسلم اُمت کي درپيش مسئلن جو حل سيرت النبي صلي ??لل?? عليه وآله وسلم ۾ لِڪل آهي. هن چيو ته حضور اڪرم صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي زندگي همدردي، رواداري، اتحاد ۽ ڀائيچاري جي روشن مثال آهي. رسول ??لل?? صلي ??لل?? عليه وآله وسلم امن، انسانيت جي احترام، مساوات، عفو ۽ درگذار ۽ انصاف جو درس ڏنو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حقيقي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام صرف حضور اڪرم صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي تعليما?? تي صحيح معنائن ۾ عمل ڪرڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿي. هن دُعا ڪئي ته ??لل?? تعاليٰ اسان کي حضور اڪرم صلي ??لل?? عليه وآله وسلم جي تعليما?? تي صحيح معنائن ۾ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ اسان جي وطن کي امن جو گهوارو بڻائي.