اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي سوشل ميڊي?? تي ڌمڪي آميز پوسٽ جي معاملي جي جاچ ايف آءِ اي ڪندي، باني چيئرمين پي ٽي آءِ فوج ۽ عدليه کي ٽارگيٽ ڪيو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ کان پچاڳاڇا ڪئي ويندي ته سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ٿيندڙ پوسٽ ڪٿان ڪئي پئي وڃي ۽ سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڪير هلائي ره??و آهي؟ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سدائين صحافين کي نشانو بڻايو، انهن تي حملا ڪيا، انهن جي خلاف سوشل ميڊي?? تي مهم هلايون، پي ٽي آءِ جي پوري پارٽي کي علي امين گنڊاپور جي بيان تي غيرمشروط معافي وٺڻ گهرجي، علي امين گنڊاپور هڪ صوبي جو وڏو وزير آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ اختلاف راءِ ڪرڻ، پنهنجا نظريا رکڻ، ڪنهن پارٽي جي نظريي سان اختلاف ڪرڻ ڏوهه بڻجي چڪو هو. هن چيو ته تحريڪ انتشار سدائين صحافين جي خلاف غلط زبان استعمال ڪئي، پي ٽي آءِ سوشل ميڊي?? تي سڀ کان پهرين صحافين کي هدف بڻايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي ماڻهن کي اتساهيو ته جيڪو ان جي حق ۾ ڳالهه نه ڪري، ان تي الزام هڻي ڇڏيو، اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، اڄ به ياد آهي لاهور ۾ ث??اءَ مرزا ڊي ايس اين جي تي هئي ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو کيس هراسان ڪري رهيا هئا، صحافي صدف انهن جي ڪنٽينر جي هيٺان اچي فوت ٿي وئي، عورت صحافين کي انهن مارڪُٽ ڪئي، انهن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور اسٽيج تي صحافين جي خلاف جيڪا زبان استعمال ڪئي، انتهائي نامناسب آهي، پي ٽي آءِ جي پوري پارٽي کي علي امين گنڊاپور جي بيان تي غيرمشروط معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته علي امين گنڊاپور هڪ صوبي جو وڏو وزير آهي، ڇا کيس سُونهين ٿو ته هو عورتن ۽ پاڪ فوج بابت غليظ زبان استعمال ڪري؟ جيڪو ??دا??و خيبرپختونخواهه جي اندر قربانيون ڏئي ره??و آهي، توهان ان جي خلاف زبان استعمال ڪري رهيا آهيو، اها سٺي غيرت آهي جيڪو توهان جون زندگيون محفوظ بڻائي، توهان انهن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪريو، اهڙو طرز عمل مذمت جوڳو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پارليامينٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، انهن جي وڊيوز رڪارڊ تي موجود آهي، جيڪا شيءَ ڪئميرا جي اک ڏيکاري آهي اها بلڪل واضح آهي، انهن کي عورت صحافين ۽ هڪ صوبي جي وڏي وزير جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪرڻ تي شرمندگي نٿي ۽ پنهنجي گرفتارين تي واويلا شروع ڪري ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي سوچ فاشزم تي ٻڌل آهي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد سان گڏجي هن اپوزيشن جي هر اڳواڻ تي ڪيس ٺاهيا، اهو سمجهه ۾ اچي ره??و آهي ته انهن پاليسي ڪهڙي آهي؟ هي اسان جي اڳواڻن کي ڪوڙي ڪيسز ۾ جيلن ۾ وجهندا رهيا ۽ دُهل وڄائيندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊي?? تي پيغام جاري ڪيو ويو جنهن ۾ باني پي ٽي آءِ فوج ۽ عدليه کي ٽارگيٽ ڪيو. هن چيو ته هي ملڪ ۾ انارڪيءَ ڦهلائڻ چاهين ٿا، هي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب الرحمان سان ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايف آءِ اي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي جاري ٿيندڙ پوسٽ جي جاچ ڪندي، ان ڳالهه جي جاچ ٿيندي ته سوشل ميڊي?? تي باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو اڪائونٽ ڪير هلائي ره??و آهي؟ باني چيئرمين پي ٽي آءِ ملڪي سالميت جي حوالي سان ٻيهر سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ ماڻهن کي اتساهيو ته توهان مهم شروع ڪريو. هن چيو ته پر توهان ان سازش ۾ بلڪل ڪامياب نه ٿيندا. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ گهرو وزير تي پڻ الزام هنيا ج??هن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي جيل ۾ سموريون سهولتون ميسر آهن، واڪنگ گيلري دستياب آهي، گهر کان کاڌو اچي ره??و آهي. وفاقي وزير چيو ته رياست تي حملي جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جو معاهدو حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿي ره??و آهي، معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿي ره??و آهي، معيشت جي بهتري سان انهن کي تڪليف ٿي رهي آهي ۽ انهن ملڪي ??دا??ن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، اهي پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.