ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي 6 س??پٽمبر يوم دفاع جي مناسبت سان پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته 6 س??پٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع لا??ِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي ??مي??ه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 س??پٽمبر 1965ع تي ئي اسان جي فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏيا ۽ مادرِ وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائين اسان جي بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ کي ??مي??ه دشمن جي ميري نظر کان محفوظ بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته يوم دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي عظيم شه??دن جي قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان ۽ تخريبڪار عنصرن خلاف صوبي جو عوام ??مي??ه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي ادارن جي تعاون سان پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ صوبي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. وڏي وزير يوم دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن شه??دن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.