اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطاني?? جي سرڪاري دوري جي موقعي تي برطاني?? جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جيڪو هن وقت سرڪاري دوري تي برطانيا ۾ آهي، برطاني?? جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هڪ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري، وسيع ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي ڏس ۾ پاڪستان برطانيا تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه ??ميس ڏينهن برطاني?? جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات کانسواءِ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.