اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن معصوم شهرين تي حملن ۾ ملوث خ??رج??ن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آ??ي ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم ضلعي پنجگور، ڪيچ ۽ زوب ۾ 5 خ??رج??ن کي مارڻ ۽ ٽن کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ تي پاڪ فوج جي جوانن ۽ آف??سرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين.