اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين ڏک جي ??ن گهڙي ۾ متاثرن جي وارثن سان ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪندي چيو ته سندن غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ ک??ن دعا آهي ته زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل ادارن کي قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ته قدرتي آفتون هڪ عالمي مسئلو آهن، گڏيل ڪوششن سان ئي ناڪاري اث??ن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جهڙا چئلينجز سامهون آهن، برسات دوران ماڻهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.